تازه ترين

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار برطانيه جي سرڪاري دوري تي لنڊن پهچي ويو

- Advertisement -
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار برطانيه جي سرڪاري دوري تي لنڊن پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب، هيٿرو ايئرپورٽ تي برطانوي عملدارن ڊپٽي وزيراعظم جي آجيان ڪئي، ان موقعي تي برطانيه ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل به موجود هو. اسحاق ڊار برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري ڊيود ليميَِ سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ ٻه طرف لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ بهتر شراڪتداري جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. ياد رهي ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار برطانيه جي دوري دوران برطانوي هم منصب، پرڏيهي وزير ۽ سيڪريٽري جنرل دولت مشترڪه پيتريشيا اسڪاٽ لينڊ سان به ملاقاتون ڪندو، ان کان علاوه نائب وزيراعظم پارليامينٽ ميمبرن ۽ برٽش پاڪستانين سان به ملندو.
- Advertisement -
Previous article
Next article

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
73 %
2.4kmh
11 %
آچر
28 °
سُومر
33 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون