تازه ترين

سينيٽ جي 30 خالي سيٽن تي پولنگ جو عمل جاري، 59 اميدوار ميدان تي لٿل

سينيٽ جي 19 سيٽن تي چونڊ لاءِ پولنگ جاري آهي، جيڪا شام 4 وڳي تائين جاري رهندي، جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن جي درخواست تي سينيٽ جي چونڊ ملتوي ڪئي وئي.

سينيٽ چونڊن جي پولنگ لاءِ قومي اسيمبلي جي هال کي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جتي اليڪشن ڪميشن جو عملو پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي

سينيٽ جي 19 سيٽن لاءِ 35 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن، جڏهن ته  18 اميدوار بنا مقابلي چونڊجي چڪا آهن.

اسلام آباد جي هڪ جنرل ۽ هڪ ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽ تي پولنگ جاري آهي.

پنجاب جي ستن جنرل، ٻن عورتن، ٻه ٽيڪنو ڪريٽ، هڪ عالم ۽ هڪ اقليتي سيٽ تي به ووٽنگ ٿي رهي آهي.

سنڌ جي ستن جنرل، ٻن عورتن، ٻه ٽيڪنوڪريٽ ۽ هڪ اقليتي سيٽ تي پولنگ جاري آهي.

خيبرپختونخواهه ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن جي درخواست تي سينيٽ جي چونڊ ملتوي ڪئي وئي.

خيبرپختونخواهه اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي احمد ڪريم ڪنڊي پاران صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسان جي 25 ميمبرن اڃا تائين قسم ناهي کڻايو ويو،  جنهن ڪري سينيٽ اليڪشن ملتوي ڪئي وڃي.

بلوچستان جي ستن جنرل، ٻن عورتن ۽ ٻن ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽن تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
19 %
1.5kmh
0 %
ڇنڇر
19 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون