- Advertisement -
سجاول پوليس مختلف ڪاررواين دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته سجاول بدين روڊ تي سي آءِ اي ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو جڏهن ته سندس ٻه ساٿي اونڌاهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ غلام علي پاڙھيڙي طور ٿي،
ٻي ڪارروائي ۾ پوليس مريد کوسو ٿاڻي جي حد ۾ مقابلي دوران عثمان عرف ڪارو لغاري نالي جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي.
پوليس موجب، گرفتار ٻنهي جوابدارن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪري کين طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ٻئي جوابدارن سنگين ڪيسن ۾ گھربل هئا، جڏهن ته سندن وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.- Advertisement -
