مهانگائي جي ماريل عوام کي وري بجلي جو زوردار جهٽڪو ڏيڻ جو تياريون ڪيون پيون وڃن، سي پي پي اي بجلي جي اگهه ۾ هڪ رپيو 82 پيسا واڌ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.
گذريل مهيني 15 ارب 47 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي، جنهن تي 131 ارب 11 ڪروڙ رپيا لاڳت آئي.
درخواست ۾ چيو ويو ته سڀ کان مهانگي بجلي فرنس آئل مان پيدا ڪئي وئي، جنهن جي پيداواري لاڳت 33 رپيا 32 پيسا في يونٽ ۽ ايل اين جي مان 23 رپيا 71 پيسا في يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي.
بجلي جي لائن لاسز ۾ 24 پيسا في يونٽ واڌ ٿي، بجلي جا اگهه وڌڻ سان واهپيدارن تي 31 ارب رپين جو بار پوندو، بجلي جي اگهن ۾ واڌ بابت درخواست تي ٻڌڻي 27 سيپٽمبر تي نيپرا ۾ ٿيندي


