تازه ترين
پاڪستان چين کي شڪست ڏئي ايشن هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ تحريڪ انصاف جي گرفتار ڏهن ميمبرن کي پارليامينٽ هائوس پهچايو ويو پاڪستان ائٽمي طاقت آهي ۽ روز روز قرض جي درخواستن سان اهميت گهٽ ٿيندي آهي: وزيراعظم شهبازشريف وزيراعظم شهبازشريف سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيد نويد قمر ملاقات سنڌ سرڪار اليڪٽرڪ ٽيڪسيون شروع ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون بچاءَ واري وزير خواجه آصف خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور جي بيان کي وفاق تي حملو قرار ڏئ... سنڌ جي گهرو کاتي 12 ربيع الاول ۽ چپ تعزيتي جي جلوس تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو اسلام آباد هائيڪورٽ پي ٽي آءِ جي گرفتار پارليامينٽ ميمبرن جي جسماني رمانڊ جو فيصلو معطل قومي معاملن تي اتفاق راءِ ضروري آهي: قانون وارو وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ گم ٿيل شهرين جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس گهرائڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ، ترقياتي منصوبن تي سياستدانن جو تختيون لڳائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي

سپريم ڪورٽ، ترقياتي منصوبن تي سياستدانن جو تختيون لڳائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آهن ته هو حڪومت معاملن ۾ مداخلت نٿا چاهن پر اهو ٻڌايو ته غريب جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ عوامي ترقياتي منصوبن تي ذاتي مشهوري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران وفاق سميت چئني صوبائي حڪومتن عوامي منصوبن تي ذاتي مشهوري نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

وفاق ۽ چئني صوبائي حڪومت جي لا آفيسرن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل جي به خاطري ڪرائي، عدالت 2023ع ۾ پنهنجي فيصلي ۾ ترقياتي منصوبن تي ذاتي مشهوري نه ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو.

ٻڌڻي دوران عدالت وفاق سميت چئني صوبائي حڪومتن سان قسم ناما طلب ڪري ورتا.

چيف جسٽس چيو ته هر صوبو ذاتي مشهوري جي معاملي تي متحد آهي، ذاتي مشهوري جي معاملي تي ڪنهن به صوبي ۾ ڪا مخالف ڌر ناهي.

سپريم ڪورٽ چيو ته سنڌ ۾ 80 لا آفيسرن جي بٽالين آهي پر اسلام آباد ۾ ڪو مستقل لا آفيسر ناهي، جنهن تي صوبائي لا آفيسرن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ 18، ڪي پي ۾ 40 ۽ پنجاب ۾ 86 لا آفيسر آهن.

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته آباديءَ جي حساب سان سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ 86 لا آفيسر ۽  سنڌ ۾ 80 آهن.

پنجاب حڪومت جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته صوبي ۾ لا آفيسرن جو انگ گهٽ ڪري 66 ڪيو ويندو.

چيف جسٽس چيو ته سنڌ ۾ هر لا آفيسر کي ماهوار 5 لک رپيا پگهار ڏني ويندي آهي، ماهوار 4 ڪروڙ رپيا  صوبي جي عوام جي کيسن مان لا آفيسرن ڏانهن وڃن ٿا، کين عدالت ۾ سنڌ جي لا آفيسرن طرفان بهتر مدد ناهي ملندي، وڊيو لنڪ ذريعي لا آفيسر پيش ٿين ٿا پر آواز صحيح ناهي ايندو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چو ته هو حڪومتي معاملن ۾مداخلت نه ٿا چاهن پر اهو ٻڌايو ته غريب عوام ڇا ڪري؟ ان جو ڪهڙو ڏوهه آهي، هو جمهوريت کي مضبوط ڏسڻ چاهن ٿا.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي……..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
31 %
3.3kmh
0 %
خميس
23 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
27 °
آچر
26 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون