تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

9 مئي تي تاريخ جو ڪارو بات لکندڙن سان ڪا به سوديبازي يا ڊيل نه ٿيندي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته 9 مئي تي تاريخ جو ڪارو بات لکندڙن سان ڪا به سوديبازي يا ڊيل نه ٿيندي، ڀڙڪايل ماڻهن کي اڳ ئي شڪ جو فائدو ڏنو آهي، اصل جوابدار کي حساب ڏيڻو پوندو،  سانحي جو اصل جوابدار پاڻ کي معصوم ظاهر ڪري رهيو آهي ان کي ڪا ڍَر نه ملندي نه ئي ساڻس ڊيل ٿيندي، 9 مئي جي رٿابندي ڪندڙن، مددگارن ۽ جوابدارن کي ملڪي قانون  موجب انصاف جي ڪٽهڙي ۾آندو ويندو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم مينر لاهور گيريزن جو دورو ڪيو. جنرل عاصم منير وطن خاطر قربانيون ڏيندڙ شهيدن جي ڀيٽا پيش ڪري يادگار تي گل نڇاور ڪيا ۽ فاتحه پڙهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي فارميشن جي آپريشنل تيارين  تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪور هيڊڪوارٽر ۾ گيريزن آفيسرن کي خطاب ڪندي آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن جي خدمتن تي سندن واکاڻ ڪئي. جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته دشمن قوتون ۽ سندن سرپرست ڪوڙ، جعلي خبرن ۽ پروپيگنڊا ذريعي ڊجيٽل دهشتگردي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪ فوج ۽ عوام وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پر قوم جي حمايت سان سمورن قوتون جا ارادا ناڪام بڻايا ويندا. آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج جو هر سپاهي ۽ آفيسر ڪنهن به ٻي وابستگيءَ يا ترجيحن کي ڇڏي پنهنجي فرض ۽ ذميوارين کي اوليت ڏيندو آهي. جنرل عاصم منير چيو ته بنا شڪ 9 مئي پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ڪارو ترين ڏينهن رهندو، ان ڏينهن ڄاڻي واڻي شرپسندن شهيدن جي يادگارن جي بيحرمتي ڪئي. آرمي چيف چيو ته شرپسندن رياست ۽ قومي اتحاد جي نشانين تي حملو ڪيو، پرتشدد ڪاررواين سبب پاڪستان جي دشمنن کي رياست ۽ قوم جي مذاق اڏائڻ جو موقعو مليو. جنرل عاصم منير چيو ته هاڻي اهي ئي سازشي عنصر منهن  جي پَڪائي سان رياست کي ان ۾ ملوث ڪرڻ جي  ڪريل ڪوشش ڪري رهيا آهن. آرمي چيف چيو ته 9 مئي جي رٿابندي ڪندڙ ۽ ڪردار سان ڪا سوديبازي يا ڊيل نه ٿيندي. جنرل عاصم منير چيو ته معصوم ماڻهن کي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي خواهشن جو ٻارڻ بڻايو ويو، سپريم ڪورٽ جي هدايت تي ڀڙڪايل ماڻهن کي اڳ ئي شڪ جو فائدو ڏنو ويو آهي. پاڪ فوج جي سپهه سالار چيو ته 9 مئي جي ڪريل منصوبي جو اصل جوابدار پاڻ کي معصوم ظاهر پيو ڪري، ان کي پنهنجن ڏوهن جو حساب ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته سندس ملوث هجڻ جا واضح ثبوت موجود آهن. جنرل عاصم منير چيو ته  شهيدن ۽ سندن گهرڀاتين توڙي اداري جي بي حرمتيءَ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. آرمي چيف چيو ته 9 مئي جي رٿابندي ڪندڙن، مددگارن ۽ جوابدارن کي ملڪي قانون  موجب انصاف جي ڪٽهڙي ۾آندو ويندو. جنرل عاصم منير چيو ته هر ڏينهن چرڏياريندڙ سرگرمين جو جواب نه ڏيڻ کي سندن ڪمزوري  ۽ صبر کي لامحدود نه سمجهيو وڃي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف لاهور گيريزن ۾ جناح لائبريري جو افتتاح پڻ ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي جنرل عاصم منير چيو ته هو هڪ تعميري قوت جي حيثيت سان وڳوڙي قوتن طرفان رک جي ڍيرن تي پبلڪ لائبريري ٺاهي قائد جي عزت کي ٻيهر روشن ڪري رهيا آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون