تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سپريم ڪورٽ، ترقياتي منصوبن تي سياستدانن جو تختيون لڳائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ، ترقياتي منصوبن تي سياستدانن جو تختيون لڳائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آهن ته هو حڪومت معاملن ۾ مداخلت نٿا چاهن پر اهو ٻڌايو ته غريب جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ عوامي ترقياتي منصوبن تي ذاتي مشهوري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وفاق سميت چئني صوبائي حڪومتن عوامي منصوبن تي ذاتي مشهوري نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وفاق ۽ چئني صوبائي حڪومت جي لا آفيسرن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل جي به خاطري ڪرائي، عدالت 2023ع ۾ پنهنجي فيصلي ۾ ترقياتي منصوبن تي ذاتي مشهوري نه ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو. ٻڌڻي دوران عدالت وفاق سميت چئني صوبائي حڪومتن سان قسم ناما طلب ڪري ورتا. چيف جسٽس چيو ته هر صوبو ذاتي مشهوري جي معاملي تي متحد آهي، ذاتي مشهوري جي معاملي تي ڪنهن به صوبي ۾ ڪا مخالف ڌر ناهي. سپريم ڪورٽ چيو ته سنڌ ۾ 80 لا آفيسرن جي بٽالين آهي پر اسلام آباد ۾ ڪو مستقل لا آفيسر ناهي، جنهن تي صوبائي لا آفيسرن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ 18، ڪي پي ۾ 40 ۽ پنجاب ۾ 86 لا آفيسر آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته آباديءَ جي حساب سان سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ 86 لا آفيسر ۽  سنڌ ۾ 80 آهن. پنجاب حڪومت جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته صوبي ۾ لا آفيسرن جو انگ گهٽ ڪري 66 ڪيو ويندو. چيف جسٽس چيو ته سنڌ ۾ هر لا آفيسر کي ماهوار 5 لک رپيا پگهار ڏني ويندي آهي، ماهوار 4 ڪروڙ رپيا  صوبي جي عوام جي کيسن مان لا آفيسرن ڏانهن وڃن ٿا، کين عدالت ۾ سنڌ جي لا آفيسرن طرفان بهتر مدد ناهي ملندي، وڊيو لنڪ ذريعي لا آفيسر پيش ٿين ٿا پر آواز صحيح ناهي ايندو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چو ته هو حڪومتي معاملن ۾مداخلت نه ٿا چاهن پر اهو ٻڌايو ته غريب عوام ڇا ڪري؟ ان جو ڪهڙو ڏوهه آهي، هو جمهوريت کي مضبوط ڏسڻ چاهن ٿا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
3 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون