صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو سمجهه کان ٻاهر آهي، جيڪا شيءِ ڪيس ۾ ئي ناهي ان بابت فيصلو آيو.
ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد ناصر شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عدالت ذريعي کسيو ويو، شهيد راڻيءَ کي انصاف نه مليو، صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي به انصاف نه ڏيو ويو.
هن چيو ته يوسف رضا گيلانيءَ کي عدالت وزارت عظميٰ جي عهدي تان هٽايو، پر ان باوجود هو عدالتن جو احترام ڪن ٿا.
ناصر شاهه چيو ته مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ ڌر ئي نه هئي، جيڪا شيءِ ڪيس ۾ ئي ناهي ان جو فيصلو آيو آهي.
صوبائي وزير چيو ته سڀ ڪجهه پي ٽي آءِ جي غلطيءَ جي ڪري ٿيو، انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرائي وئي