تازه ترين

سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حڪومت کي ڪو به خطرو ناهي؛ اعظم نذير تارڙ

- Advertisement -
قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حڪومت کي ڪو به خطرو ناهي، اڃا به 209 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ٿيندي يا نه في الحال ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته هو سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ڏسي رهيا آهن، مخصوص سيٽن بابت قانون موجود آهي، سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي ملڻ گهرجن ها. سندس چوڻ هو ته ڪيس ۾ ته تحريڪ انصاف ڌر ئي نه هئي، پي ٽي آءِ کي اهو رليف مليو جيڪو هن گهريو ئي ناهي. قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حڪومت کي ڪو به خطرو ناهي، اڃا به 209 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي، تحريڪ انصاف جي آزاد ميمبرن کٽڻ بعد ڪنهن فورم سان رابطو نه ڪيو. هن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي منشور موجب کيس اقليتي سيٽون نه ملڻ گهرجن، تحريڪ انصاف جي آزاد ميمبرن ڪڏهن ناهي چيو ته سندس پارٽي کي مخصوص سيٽون ڏنيون وڃن. قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته سني اتحاد ڪائونسل غير مسلم کي پنهنجو ميمبر نٿي مڃي، آرٽيڪل 51 تحت ٽن ڏينهن جي شرط جو ڇا ٿيندو؟، تحريڪ انصاف جي آزاد ميمبرن جو موقف هو ته مخصوص سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي ملڻ گهرجن، ظاهري طور عدالت آرٽيڪل 51 ۽ 106 کي ٻيهر لکيو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.6 ° C
32.6 °
32.6 °
7 %
10kmh
0 %
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
33 °

تازه ترين خبرون