تازه ترين

نيب ترميمن کانپوءِ فائدو حاصل ڪندڙ جوابدارن جي لسٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن سان هلندڙ سال فائدو حاصل ڪندڙ ماڻهن جي رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف تحريڪ انصاف چيئرمين جي درخواست جي ٻڌڻي دوران ستن صفحن تي ٻڌل رپورٽ جمع ڪرائي وئي.

نيب جي رپورٽ موجب، هلندڙ سال 30 آگسٽ تائين 12 ريفرنس نيب عدالتن کان منتقل ٿيا آهن.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف پارڪ لين ريفرنس احتساب عدالت ترميمن بعد واپس ڪري ڇڏيو، ترميمن سان فائدو حاصل ڪندڙن ۾ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به شامل آهن.

رپورٽ موجب، خورشيد شاهه، انور جمالي، منظور قادر ڪاڪا ۽ انور مجيد جا نيب ڪيس به منتقل ڪيا ويا جڏهن ته جعلي اڪائونٽس ڪيس جي مرڪزي جوابدار حسين لوائي جو ڪيس به نيب جي دائري کان ٻاهر ٿي ويو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اومني گروپ جي عبدالغني مجيد خلاف نيب ڪيس به احتساب عدالت کان واپس ٿي ويو، هلندڙ سال مجموعي طور تي 22 ڪيس احتساب عدالتن کان واپس ٿيا، نيب ترميمن جي روشني ۾ 25 ڪيس ٻين فورمز کي منتقل ڪيا ويا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,173FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
28 %
0.6kmh
0 %
ڇنڇر
20 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون