تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان اهڙو خطو چاهي ٿو جتي امن قائم هجي: آرمي چيف

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آرمي چيف جنرل عاصم منير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ سيڪريٽري جنرل کان ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا رڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اهڙو خطو چاهي ٿو جتي امن قائم هجي

گڏيل قومن جي امن مشن جي وزارتي اجلاس بابت تيارين لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير پڄاڻي واري سيشن ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

امن مشن جي تحفظ ۽ سڪيورٽي جي موضوع تي ڪوٺايل اجلاس جي گڏيل ميزباني پاڪستان ۽ جاپان ڪئي.

اجلاس ۾ مختلف ملڪن جي نمائندن، گڏيل قومن جي اعليٰ عملدارن ۽ اسلام آباد ۾ سفارتي برادريءَ جي ميمبرن شرڪت ڪئي.

آرمي چيف امن دستن کي آڏو چئلينجن ۽ خطرن کي اجاڳر ڪيو ۽ چيو ته عالمي امن جي بحاليءَ ۾ گڏيل قومن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.

هن چيو ته گڏيل قومون امن مشن کي ان قابل بڻائڻ جيئن اهي امن مشن تي مقرر جوانن جي تحفظ ۽ سڪيورٽي کي يقيني بڻائيندي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتو بڻائي سهگجي.

جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان هڪ اهڙو خطو چاهي ٿو جتي امن هجي، جتي واپار، ٽرانزٽ ۽سيڙپڪاري ڏکڻ، اولهه ۽ وچ ايشيا جي سمورين رياستن  لاءِ خوشحاني جو سبب بڻجي.

آرمي چيف چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ سيڪريٽري جنرل ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

انڊر سيڪريٽري جنرل ڊپارٽمينٽ آف پيس آپريشنز چيو ته ڪانفرنس جي ميزباني ۽ عالمي امن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي هو پاڪستان جا ٿورا مڃن ٿا.

نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته امن ڪوششن لاءِ پاڪستان ڇهن ڏهاڪن کان وابستگي عالمي امن ۽ اسلامي لاءِ پاڪستان جي ڪردار جو ثبوت آهي.

جليل عباس جيلانيءَ دنيا ۾ امن لاءِ پنهنجون خدمتون ڏيندڙ گڏيل قومن جي امن دستن لاءِ محفوظ ماحول يقيني بڻائڻ واري ضرورت تي زور ڀريو

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
45 %
1.2kmh
21 %
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
30 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون