- Advertisement -
سکر بيراج جا دروازا ڪـِرڻ واري معاملي ۾ ڪوتاھي ڪرڻ تي ايريگيشن کاتي ايڪسين ۽ ايس ڊي او کي بدلي ڪري ڇڏيو ، ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف انجيئر ۽ اي سي سکر بئراج کي ھٽائڻ جو اصولي فيصلو ٿي چڪو آھي.
سکر بيراج جا دروازا ڪرڻ واري معاملي ۾ ڪوتاھي ڪرڻ تي ايريگيشن کاتي ايڪسين ۽ ايس ڊي او کي بدلي ڪري ڇڏيو.
آبپاشي کاتي جي صوبائي سيڪريٽري جي حڪم تي ايڪسين سيد علي شاھ ۽ ايس ڊي او امير بخش مھر کي عهدن تان ھٽائي ھيڊ ڪوارٽر رپورٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
بدين مان بدلي ڪري فرحان وڳڻ کي سکر بئراج جو نئون انجنيئر ۽ عبدالصمد ڏهر کي نئون ايس ڊي او سکر بئراج مقرر ڪري نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو.
سنڌ ٽي وي نيوز انوييسٽيگيشن جي ذريعن موجب صحافين سان جھيڙو ڪندڙ سکر بيراج جي اي سي فياض شاھ ۽ چيف انجنئر سھيل رند بلوچ کي بھ عھدن تان ھٽائڻ لاءِ سمري چيف سيڪريٽري ڏانھن منظوري لاءِ اماڻي وئي آھي…- Advertisement -
