تازه ترين

سکر جي ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي لاڪپ ۾ قيدي فوت ، وارثن جو ڌرڻو

- Advertisement -
سکر جي ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي لاڪپ ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويل نوجوان جي وارثن لاڙڪاڻي ۾ هلندڙ برسات دوران سندس لاش رکي ڌرڻو هنيو. لاڙڪاڻي واري فوتي نوجوان اعجاز شيخ جي وارثن غلام حسين  ڪامران،  سليمان، اظهر، نياز حسين  ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. هنن چيو ته 24 سالن جي نوجوان  اعجاز احمد شيخ کي گذريل سومر ڏينهن ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم سکر جي ٽيم انسپيڪٽر لطف الله سوڍر جي اڳواڻي ۾ لاهوري محلا مان گرفتار ڪري سکر منتقل ڪيو ويو هو. مظاهرين چيو ته هنن گذريل اربع ڏينهن سکر ايف آءِ اي ٿاڻي تي نوجوان سان ملاقات ڪئي هئي جنهن تي انسپيڪٽر لطف الله سوڍر نوجوان جي آزاديءَ لاءِ 6 لک گهريا، انڪار تي انسپيڪٽر لطف الله سوڍر ۽ ٻين اهلڪارن لاڪپ اندر تشدد ڪري نوجوان کي ماريو آهي. ھنن چيو ته نوجوان جي جسم تي  تشدد نشان ظاهر آهن ، واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي انسپيڪٽر لطف الله سوڍر ۽ ٻين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
24 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
34 %
3.2kmh
0 %
اربع
34 °
خميس
28 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
31 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون