سکر پوليس 6 مهينن دوران 96 پوليس مقابلن ۾ 5 ڌاڙيل مارڻ، 32 ڦورو زخمي، 88 ڦورو گرفتار ۽ ڪچي ۾ آپريشن دوران 33 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
سکر پوليس طرفان ايس ايس پي سکر امجد احمد شيخ جي اڳواڻي ۾ 6 مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سکر پوليس 6 مهينن دوران 96 پوليس مقابلا ڪيا، جن ۾ 05 ڌاڙيل مارجي ويا، 32 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ سميت 120 ڦورو گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته ڪچي ۾ جاري آپريشن دوران 33 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
سکر پوليس موجب 6 مهينن دوران ڪيسن ۾ ملوث 554 گهربل ڏوهاري ۽ 1144 روپوش ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 7 چوري ٿيل ڪارون، 129 موٽرسائيڪلن سميت 50 کان وڌيڪ موبائيل فون هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪيا ويا.
جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سکر پوليس پاران غير قانوني هٿيارن خلاف مهم دوران 06 شارٽ گن، 75 پستول، 1 رائفل ۽ 185 رائونڊ هٿ ڪيا ويا آهن.
رپورٽ موجب منشيات فروشن ۽ جوارين خلاف جاري ڪاررواين ۾ 6 مهينن دوران 456 جوارين ۽ سوين منشيات فروشن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 264 ڪلو گرام چرس، 645 شراب جون بوتلون، گٽڪو ۽ پان پراگ، ڏيڍ لک ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي سکر امجد احمد شيخ چيو ته سکر پوليس مستقبل ۾ به پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري رکيون وينديون..