تازه ترين

سکر ۾ ھٿياربندن جي حملي ۾ 3 عورتون زخمي

سکر ۾ ھٿياربندن جي حملي ۾ 3 عورتون زخمي ٿي پيون آھن

گرم گودي واري علائقي ۾ ھٿياربندن ڪاھھ ڪئي.

ھٿياربندن ڇرين جا وار ڪري روبينا، بادشاھھ خاتون ۽ عائشھ ابڙو کي زخمي ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد ٽنھي عورتن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آھي تھ عائشھ ابڙو جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب کيس آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو آھي.

زخمي عورتن چيو تھ ھو غريب مسڪين آھن بااثر جوابدارن سندن والد جي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ کين قتل ڪرڻ چاھن ٿا.

وارثن جو چوڻ آھي تھ ھٿياربندن ڇرين جا وار ڪري سندن ٽن عورتن کي زخمي ڪيو آھي.

ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون