تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اسلام آباد هائيڪورٽ تحريڪ انصاف اڳواڻ شهريار آفريدي خلاف ايم پي او آرڊر ۾ اختيار اورانگهڻ تي توهين عدالت ڪيس ۾ اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي آپريشنز تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار، ڊي سي اسلام آباد ۽ ايس پي آپريشنز خلاف ايم پي او آرڊر بابت اختيار اورانگهڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ڊي سي اسلام آباد عرفان ميمڻ ۽ ايس ايس پي آپريشنز جميل ظفر عدالت ۾ پيش ٿيا.

ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد به پراسيڪيوٽر طور عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ ايس ايس پي آپريشنز تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.

ڊي سي اسلام آباد ۽ ايس ايس پي آپريشنز فرد جرم لاڳو ٿيڻ تي وضاحتي جواب عدالت ۾ جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته هن آرڊر جو مقصد عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪرڻ بلڪل نه هو.

جسٽس بابر ستار جواب ڏنو ته اڄ چارج فريم ڪرڻ جو ڏينهن مقرر ڪيو آهي، ڊي سي اسلام آباد عدالت کان غير مشروط معافي گهري جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو ۽ چارج شيٽ پڙهڻ شروع ڪري ڇڏي.

عدالت ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي هدايت ڪئي ته جيڪو ڪجهه آهي هاڻي ٽرائل ۾ ثابت ڪجو، ڇا توهان الزام ٻڌا آهن؟ کليل عدالت ۾ اوهان جي سامهون الزام پڙهيا ويا.

ڊي سي اسلام آباد ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جسٽس بابر ستار ڊي سي اسلام آباد کي چيو ته جيڪڏهن اوهان کي سزا ملي ته وڌ ۾ وڌ 6 مهينا جيل هوندي، 6 مهينا سزا آهي ۽ اوهان به جيل ۾ رهي ڏسو، جن کي اوهان جيل موڪليو ٿا اهي ڪيئن گذارن ٿا.

عدالت ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ، ايس ايس پي آپريشنز جميل ظفر، ايس پي فاروق بٽ ۽ ايس ايڇ او ناصر منظور تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٽرائل ۾ ايڊووڪيٽ قيصر امام کي پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو ويو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون