تازه ترين

سڪرنڊ ويجهو ماڙي جلباڻي ۾ مارجي ويل چئن ڳوٺاڻن جي وارثن کي معاوضي طور 80، 80 لک ۽ زخمين کي 20، 20 لک رپيه معاوضو ڏنو ويندو: حارث نواز

سنڌ جي نگران گهرو وزير حارث نواز سڪرنڊ ويجهو ماڙي جلباڻي ۾ مارجي ويل چئن ڳوٺاڻن کي دهشتگرد قرار ڏيڻ تي معافي وٺي مقتولن جي وارثن کي 80- 80 لک ۽ زخمين کي 20-20 لک رپيا معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

نگران گهرو وزير حارث نواز، آءِ جي سنڌ رفعت مختار، ڪمشنر شهيد بينظير آباد سجاد حيدر شاهه، ڊي سي ۽ ايس ايس پي سان گڏجي ڳوٺ ماڙي جلباڻي پهچي مارجي ويل ڳوٺاڻن جي وارثن سان تعزيت ڪئي.

تعزيت کانپوءِ نگران گهرو وزير حارث نواز مارجي ويل چئن ڳوٺاڻن کي دهشتگرد قرار ڏيڻ تي وارثن کان معافي ورتي.

ان موقعي تي نگران گهرو وزير حارث نواز چيو ته مارجي ويل چئن ڳوٺاڻن جي وارثن کي معاوضي طور 80، 80 لک ۽ زخمين کي 20، 20 لک رپيه معاوضو ڏنو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
32 %
2kmh
2 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون