تازه ترين

ناليوارو قانوندان ۽ قانون وارو اڳوڻو وفاقي وزير ايس ايم ظفر 93 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

- Advertisement -
ناليوارو قانوندان ۽ قانون وارو اڳوڻو وفاقي وزير ايس ايم ظفر 93 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ايس ايم ظفر ڊگهي عرصي کان بيمار هو، طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس اسپتال نيو ويو، جتي سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. ايس ايم ظفر 1975ع ۾ لاهور هائڪورٽ بار  ۽ 1979ع ۾ سپريم ڪورٽ بار جو صدر بڻيو. ايس ايم ظفر 6 ڊسمبر 1930ع تي برما جي علائقي رنگون ۾ پيدا ٿيو، هن قانون جا ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا. ايس ايم ظفر 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ دوران پاڪستان جو قانون وارو وزير هو، 19 سيپٽمبر 1965ع تي هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ جنگبندي جي ٺهراءَ کي ڪشمير مسئلي جي حل سان مشروط ڪيو هو. ايس ايم ظفر 35 ورهين جي ڄمار ۾ ايوب ڪابينا ۾ قانون ۽ پارلياماني معاملن وارو وزير بنيو. ايس ايم ظفر کي 2011ع ۾ صدارتي ايوارڊ نشان امتياز سان به نوازيو ويو هو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
32.4 ° C
32.4 °
32.4 °
8 %
4.8kmh
31 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون