تازه ترين

سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب 22 ۽ 23 جنوري جي وچ واري رات سڪيورٽي فورسز، زوب جي علائقي سمبازه ۾ عالمي سرحد تي دهشتگردن جي چُر پُر جو پتو لڳايو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز اثرائتي ڪارروائي ڪري دهشتگردن جي مداخلت کي ناڪام بڻايو ۽ ڪارروائي دوران  6 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب پاڪستان بار بار افغان عبوري حڪومت کان اثرائتي بارڊر مينجمينٽ جو مطالبو ڪندو رهيو آهي، اميد ته افغان حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪندي. آءِ ايس پي آر موجب اميد آهي ته افغان ڌرتي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيندي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز بارڊر کي محفوظ ۽ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
6 ° C
6 °
6 °
18 %
0.9kmh
98 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون