تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

شازيا عطا مري تحريڪ انصاف کي ڊجيٽل دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
پ پ ايم اين اي شازيا عطا مري تحريڪ انصاف کي ڊجيٽل دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ناهي، قانونسازي ڪرڻ رڳو پارليامينٽ جو ئي ڪم آهي، تحريڪ انصاف ڊجيٽل دهشتگردي ۾ ملوث آهي، ڊجيٽل دهشتگردي ذريعي ماڻهن جا پٽڪا لاٿا پيا وڃن، ملڪ وڌيڪ نفرتون برداشت نه ٿو ڪري سگهي، هڪ شخص کي سڀ ڪجهه ڏئي عوام کي بک مرڻ نه ڏنو ويندو. قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي شازيه مري چيو ته اليڪشن ايڪٽ بابت غلط تاثر ڏنو پيو وڃي، هي بل پارٽي سان وفاداري يقيني بڻائي ٿو ته غلط ڪيئن آهي. سندس چوڻ هو ته قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، عدالت جو ناهي، اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ناهي. پ پ ايم اين اي شازيه مري چيو ته ڊجيٽل دهشتگردي هاڻي هو برداشت نه ڪندا، چوندا هئا هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندا، 50 لک گهر ٺاهيندا، تحريڪ انصاف ڊجيٽل دهشتگردي ۾ ملوث آهي. شازيه مري چيو ته ڊجيٽل دهشتگردي ذريعي ماڻهن جا پٽڪا لاٿا پيا وڃن، ملڪ وڌيڪ نفرتون برداشت نه ٿو ڪري سگهي، هڪ شخص کي سڀ ڪجهه ڏئي عوام کي بک مرڻ نه ڏنو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
31 %
1.4kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون