تازه ترين

شازيا مريءَ ايس سي او ڪانفرنس واري ڏينهن پي ٽي  آءِ طرفان احتجاج جي اعلان جي مذمت ڪئي

- Advertisement -
پ پ ايم اين اي شازيا مريءَ ايس سي او ڪانفرنس واري ڏينهن پي ٽي  آءِ طرفان احتجاج جي اعلان جي مذمت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ شازيا مري چيو ته ڇا ڪا محب وطن سياسي پارٽِي ملڪي ساک کي نقصان پهچائي سگهي ٿي؟ هن چيو ته عالمي سربراهه ڪانفرنس دوران احتجاج جو اعلان ڪنهن عالمي ايجنڊا جو حصو ٿي  سگهي ٿو. شازيا مري چيو ته پاڪستان خلاف ڪنهن به پرڏيهي ايجنڊا کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، پي ٽي آءِ ۾ موجود سمجهو ماڻهو ان صورتحال کي سمجهن ۽ ملڪ لاءِ سوچن. پ پ جي ترجمان چيو ته محب وطني جي گهرج آهي ته 15 آڪٽوبر تي اسلام آباد طرف ڏنل احتجاج جو سڏ واپس ورتو وڃي. شازيا مري چيو ته ماضيءَ ۾ ان قسم جي احتجاج ۾ پرتشدد واقعا ٿيا، ان ڪري هن احتجا جي سڏ سان عالمي ڪانفرنس متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. پ پ ايم اين اي چيو ته احتجاج جي سڏ سان پاڪستنا جا اهي دشمن خوش ٿيندا، جيڪي عالمي ڪانفرنس مان خوش ناهن، سندن پهرين ترجيح پاڪستان آهي ۽ ان خلاف هر سازش آڏو لوهي ڀت بڻجي بيهندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.3 ° C
32.3 °
32.3 °
10 %
5.1kmh
0 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون