بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان ۽ دنيا جي امير ترين شخص مڪيش امباني جي سستو او آر ايس پيئڻ دوران ورتل تصوير وائرل ٿي وئي آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل تصوير ۾ اداڪار شاهه رخ خان ۽ مڪيش امباني 31 روپين جي او آر ايس جا دٻا هٿ ۾ کنيل آهن ۽ ٻئي ڄڻا او آر ايس پيئندي هڪ ٻئي سان ڳالهائي رهيا آهن.
چيو وڃي ٿو ته شاهه رخ خان ۽ مڪيش امباني جي اها تصوير ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حلف برداري واري تقريب ۾ ڪڍي وئي هئي.
جڏهن ته ڪجهه سوشل ميڊيا جي صارفين امير ۽ مشهور ٻنهي جي سادگي جي واکاڻ ڪئي آهي، ڪجهه صارفين چيو ته او آر ايس پيئڻ گرم موسم ۾ سوڊا کان بهتر آهي. هڪ ٻئي صارف چيو ته هن تصوير تي ڪيترائي ميمز ٺاهي سگهجن ٿا….