تازه ترين

شدت پسندي ۽ انتهاپسندي پي ٽي آءِ جي عادت رهي آهي: ناصر شاهه

ڪراچي ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سعيد غني پاران ٽن ڏينهن واري پاڪ واٽر اينڊ انرجي ايڪسپو جو افتتاح ڪيو ويو.

نمائش ۾ چين، ترڪي، مراڪو، آسٽريليا، مصر ۽ آمريڪا جون ڪمپنيون شريڪ ٿيون.

صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته اٺون ڀيرو پاڪ واٽر انرجي ايونٽ منعقد ڪيو ويو آهي، جنهن سان واپار ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي.

صوبائي وزير ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ احتجاج ۾ ڪي پي ڪي جا وسيلا استعمال ڪيا، ملڪ بهتري طرف وڃي رهيو آهي، ڏڦيڙ جي سياست نه ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ طرفان واويلا ڪئي وئي ته سندن ڪارڪن ماريا ويا آهن، انهن جا لاش ۽ قبرون ڪٿي آهن.

صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ کي اهڙن ملڪن مان فنڊنگ ٿي رهي آهي جيڪي ملڪ کي ترقي ڪندو نٿا ڏسڻ چاهن.

هن چيو ته ملڪ کان ٻاهر ويٺل ماڻهو پي ٽي آءِ جي سياست کي ڪنٽرول ڪري رهيا آهن، هي ماڻهو روڊن تي نڪرندا آهن ته ملڪ کي نقصان پهچائيندا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
4.6 ° C
4.6 °
4.6 °
29 %
1.5kmh
47 %
ڇنڇر
4 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون