تازه ترين

شدت پسندي ۽ انتهاپسندي پي ٽي آءِ جي عادت رهي آهي: ناصر شاهه

- Advertisement -
ڪراچي ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سعيد غني پاران ٽن ڏينهن واري پاڪ واٽر اينڊ انرجي ايڪسپو جو افتتاح ڪيو ويو. نمائش ۾ چين، ترڪي، مراڪو، آسٽريليا، مصر ۽ آمريڪا جون ڪمپنيون شريڪ ٿيون. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته اٺون ڀيرو پاڪ واٽر انرجي ايونٽ منعقد ڪيو ويو آهي، جنهن سان واپار ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي. صوبائي وزير ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ احتجاج ۾ ڪي پي ڪي جا وسيلا استعمال ڪيا، ملڪ بهتري طرف وڃي رهيو آهي، ڏڦيڙ جي سياست نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ طرفان واويلا ڪئي وئي ته سندن ڪارڪن ماريا ويا آهن، انهن جا لاش ۽ قبرون ڪٿي آهن. صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ کي اهڙن ملڪن مان فنڊنگ ٿي رهي آهي جيڪي ملڪ کي ترقي ڪندو نٿا ڏسڻ چاهن. هن چيو ته ملڪ کان ٻاهر ويٺل ماڻهو پي ٽي آءِ جي سياست کي ڪنٽرول ڪري رهيا آهن، هي ماڻهو روڊن تي نڪرندا آهن ته ملڪ کي نقصان پهچائيندا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
27.2 ° C
27.2 °
27.2 °
45 %
3.3kmh
51 %
جمعو
27 °
ڇنڇر
28 °
آچر
28 °
سُومر
31 °
اڱارو
29 °

تازه ترين خبرون