شرجيل ميمڻ خلاف پوڻا 6 ارب رپين جي ڪرپشن بابت ريفرنس جي ٻڌڻي، عدالت نيب ترميم تحت عدالتي دائري اختيار کي چئلينج ڪرڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي

spot_img
- Advertisement -

ڪراچيءَ جي احتساب اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ خلاف پوڻا 6 ارب رپين جي ڪرپشن بابت ريفرنس ۾ نيب ترميم تحت عدالت جي دائري اختيار کر چئلينج ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن ۽ جوابدارن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڪراچيءَ جي احتساب ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ خلاف پوڻا 6 ارب رپين جي ڪرپشن بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

عدالت نيب ترميم تحت عدالت جي دائري اختيار کي چئلينج ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

عدالت  چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن کانپوءِ نيب ترميمن بابت درخواست غير موثر ٿي وئي آهي، ڪالھه سپريم ڪورٽ جو حڪم ملي ويو آهي.

عدالت جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪيو ويندو، هاڻي ته نيب ترميمون ختم ڪيون ويون آهن، سپريم ڪورٽ جو حڪم به سامهون آهي.

عدالت چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي جتان رڪجي ھئي اتان ئي شروع ٿيندي، شاهدن کي گهرايون ٿا ۽ ڪيس کي هلايون ٿا.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن ۽ جوابدارن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ريفرنس جي ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…….

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
15%
1.8m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون