شهدادڪوٽ ۾ نينگر سان مبينا بدفعلي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
هندو برادري جي ماڻهن طرفان ڀاونداس، راج ڪمار، معراج رميش، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار، سنيل ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي
اڳواڻن جو چوڻ هو ته 3 ڏينهن اڳ جوابدارن نينگر کي اغوا ڪري کيس بدفعلي جو نشانو بڻايو.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي نينگر سان بدفعلي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري هندو برادريءَ کي تحفظ ڏنو وڃي.


