شهدادپور ۾ معصوم نينگريءَ سان مبينا طور زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي، متاثر نينگريءَ جي والد طرفان ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي.
شھدادپور جي راجپوت ڪالوني ۾ وحشي جوابدار معصوم نياڻي سان سندس گھر ۾ داخل ٿي مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻايو آهي.
متاثر نياڻي جي والد شھدادپور ٿاڻي تي پهچي رپورٽ داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته اهي ڪنهن ڪم سانگي ٻاھر ويل هئا ته پاڙيسري عامر راجپوت گهر ۾ داخل ٿي سندن نياڻي کي زيادتي جو نشانو بڻايو.
متاثر نينگريءَ جي والد جو چوڻ آهي ته جوابدار فرار ٿي ويو آهي، پوليس جوابدار جي والد کي گرفتار ڪرڻ بعد کيس آزاد ڪري ڇڏيو آهي.
هن وس وارن کان معاملي جو نوٽيس وٺندي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو……
