ڀٽ شاهه ۾ پراڻي دشمني تان هٿياربندن ڏينهن ڏٺي اڌڙوٽ شخص کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
هٿياربندن ريشم گليءَ ۾ ڏينهن ڏٺي فائرنگ ڪري 50 سالن جي محمد موسيٰ جکراڻي کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعات جاچ موجب واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهن.
هنن چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ شهر ۽ ڀرپاسي ناڪابندي ڪئي آهي، مارجي ويل شخص جو لاش پوسٽ مارٽم بعد پوليس حوالي ڪيو ويندو.
