ميزائل لانچ آپريشن ۾ تل ابيب ڀرسان ملٽري انٽيليجنس يونٽ کي نشانو بڻايو ويو : حزب الله

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

حزب الله چيو آهي ته ميزائل لانچ آپريشن ۾ تل ابيب ڀرسان ملٽري انٽيليجنس يونٽ کي نشانو بڻايو ويو.

حملي جي نتيجي ۾ وچ اسرائيل ۾ سائرن وڄي ويا، اسرائيلي فوج طرفان اسرائيل ۾ ميزائل حملي جو اعتراف پڻ ڪيو ويو.

اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي ميزائل حملن کي روڪيو ويو جڏهن ته ڪجهه اسرائيل ۾ ڪـِريا.

ان کان اڳ هڪ يمني ميزائل ڪـِرڻ کانپوءِ واپاري مرڪز مان اسرائيلين جي وڏي پيماني تي ڀڄڻ جون ويڊيوز به سامهون آيون هيون.

يمن مان بيلسٽڪ ميزائل اسرائيل طرف فائر ڪيو ويو هو ان دوران مختلف علائقن ۾ سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا.

ميڊيا رپورٽن موجب، يمن جي حوثي مليشيا اسرائيل جي مرڪز فوجي هدفن تي ٻه ميزائل فائر ڪرڻ جي دعوى ڪئي پر اسرائيل صرف هڪ ميزائل جو ذڪر ڪيو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
40%
7.2m/s
50%
ڇنڇر
26 °
آچر
33 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون