تازه ترين

شڪارپور جي عدالت قتل ڪيس ۾ پنجن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊا جي سزا ٻڌائي ڇڏي

شڪارپور جي عدالت قتل ڪيس ۾ پنجن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊا جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طارق احمد ڀٽي جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پنجن جوابدارن عمر فاروق، غلام رسول، غلام نبي، عبدالنبي ۽ غلام مرتضيٰ آرائين کي سزا ٻڌائي.

عدالت پاران پنجن ئي جوابدارن تي پنج پنج لک رپيا ڏنڊ به وڌو ويو.

عدالت ٻن جوابدارن عمر فاروق ۽ غلام نبي آرائين کي ھٿيار رکڻ جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي ڏهه ڏهه سال قيد ۽ 80 ھزار رپيا ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي.

اڍائي سال اڳ جوابدارن رستم چوڪ تي ذوالفقار آرائين کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ھو.

پنج ئي جوابدار ضمانت تي آزاد ھئا ۽ اڍائي سالن کان ڪيس عدالت ۾ ھلي رھيو ھو.

عدالت جي اھڙي فيصلي بعد جوابدارن کي سينٽرل جيل سکر منتقل ڪيو ويو…….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
24 %
7kmh
6 %
خميس
32 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون