تازه ترين

شھدادڪوٽ ۾ قبي سعيد خان جي ڳوٺاڻن طرفان زمين تي قبضو ڪرڻ تي بااثرن خلاف احتجاج

شھدادڪوٽ ۾ قبي سعيد خان جي ڳوٺاڻن طرفان زمين تي قبضو ڪرڻ تي بااثرن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو.

قبي سعيد خان جي ڳوٺ صيفل کوسي جي رهواسين ذوالفقار کوسو، مظهر کوسو ۽ ٻين عورتن توڙي ٻارڙن سميت قرآن پاڪ کڻي پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بااثر ماڻهن سندن 32 جريب تي قبضو ڪري کپائي ڇڏي آهي، حق گهرڻ تان قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي، ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ھو غريب مسڪين ماڻھو آهن، زمين واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
12 %
0.6kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون