تازه ترين

شھدادڪوٽ ۾ قبي سعيد خان جي ڳوٺاڻن طرفان زمين تي قبضو ڪرڻ تي بااثرن خلاف احتجاج

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

شھدادڪوٽ ۾ قبي سعيد خان جي ڳوٺاڻن طرفان زمين تي قبضو ڪرڻ تي بااثرن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو.

قبي سعيد خان جي ڳوٺ صيفل کوسي جي رهواسين ذوالفقار کوسو، مظهر کوسو ۽ ٻين عورتن توڙي ٻارڙن سميت قرآن پاڪ کڻي پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بااثر ماڻهن سندن 32 جريب تي قبضو ڪري کپائي ڇڏي آهي، حق گهرڻ تان قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي، ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ھو غريب مسڪين ماڻھو آهن، زمين واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
28 ° C
28 °
28 °
40 %
5.6kmh
59 %
اربع
28 °
خميس
34 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون