سکر جي عدالت صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ پوليس کي چالان پيش ڪرڻ لاءِ 14 ڏينهن مهلت ڏيندي جوابدارن کي 26 آڪٽوبر تائين جيل اماڻيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران گرفتار ٽن مددگارن بخش علي، منور ۽ بابر مهر کي سخت سڪيورٽي ۾ سينٽرل جيل مان عدالت پهچايو ويو.
صحافي جان محمد مهر جو ڀاءُ ڪرم الله مهر ۽ ڪيس جا شاهد به عدالت ۾ پيش ٿيا.
ايڊووڪيٽ قربان ملاڻو چيو ته عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ملڪيتن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، عدالت پوليس کي ايندڙ ٻڌڻي تي جي آءِ ٽي جو نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
هن چيو ته عدالت پوليس کي ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ لاءِ 14 ڏينهن جو وقت ڏئي ڇڏيو.
ايڊووڪيٽ قربان ملاڻو چيو ته اميد آهي ته قطعي چالان پيش ٿيڻ کانپوءِ 60 کان 90 ڏينهن اندر ڪيس جو فيصلو اچي ويندو.
عدالت پوليس جي درخواست منظور ڪندي جوابدار کي 14 ڏينهن لاءِ جيل موڪلي ڇڏيو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تي مقرر ڪئي وئي.