- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري صحتيابي بعد اسپتال کان گهر منتقل ٿي ويو.
صدر آصف علي زرداري ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.
ڊاڪٽر عاصم حسين جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري جي ڪرونا ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي.
هن چيو ته ڪرونا ٽيسٽ نيگيٽو اچڻ بعد صدر آصف زرداري کي اسپتال مان گهر منتقل ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽرن صدر کي وڌيڪ فزيو ٿراپي جو مشورو ڏنو آهي.
صدر آصف زرداري کي پهرين اپريل تي طبيعت خراب ٿيڻ تي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو.
صدر آصف زرداري کي عيدالفطر جي رات نوابشاهه کان ڪراچي منقتل ڪيو ويو هو.- Advertisement -
