صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي پنجن ورهين واري صدارتي عهدي جو آئيني مدو اڄ مڪمل ٿي رهيو آهي.
ڊاڪٽر عارف علوي 9 سيپٽمبر 2018ع تي صدارتي عهدو سنڀاليو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عارف علوي صدارت جو عهدو مڪمل ڪرڻ بعد ايوان صدر خالي نه ڪندو پر نئين صدر جي چونڊ تائين صدارتي فرض سرانجام ڏيندو رهندو.
گذريل هفتي صدر عارف علوي اهم صلاح مشورن جي گڏجاڻين بعد نئين صدر جي چونڊ تائين فرض ادا ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي هئي جڏهن ته صدر لاهور جو دورو مڪمل ڪري اسلام آباد پهچي ويو.
اسلام آباد واپسي کان اڳ صدر عارف علوي داتا درٻار تي حاضري ڀري ۽ خاص دعائون به ڪيون……..