صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف دهشتگردن جي حملي ۾ 12 جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته وطن جي دفاع ۾ جانين جو نذرانو ڏيندڙن کي هو سلام پيش ڪن ٿا.
صدر دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جو عزم ورجايو ۽ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهادت ماڻيندڙن لاءِ دعا ڪئي.
وزيراعظم شهبازشريف بنون ۾ ٻارهن جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو.
سندس چوڻ هو ته قوم جي بهادر پُٽن جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏيندا، عوام جي جان ۽ مال کي خطري ۾ وجهندڙ دهشتگردن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.5
°
C
18.5
°
18.5
°
15%
1.8m/s
0%
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


