آءِ بي اي سکر ايم ڊي ڪيٽ جي ٻيھر ٽيسٽ وٺڻ لاءِ قطعي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو

spot_img
آءِ بي اي سکر ايم ڊي ڪيٽ جي ٻيھر ٽيسٽ وٺڻ لاءِ قطعي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلائن لاءِ عدالتي حڪمن تي رٿيل ٽيسٽ ھاڻي پھرين ڊسمبر بدران 8 ڊسمبر تي ورتي ويندي. سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل سان ڳالھائيندي وي سي آءِ بي اي سکر ڊاڪٽر آصف شيخ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي. ڊاڪٽر آصف شيخ ٻڌايو تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن ۽ ڪلچر ڊي سبب ھاڻي ٽيسٽ پھرين ڊسمبر بدران 8 ڊسمبر تي ورتي ويندي. وي سي جو چوڻ آھي تھ عدالتي حڪمن تحت فول پروف انتظام ڪيا ويا آھن ۽ 38 ھزار کان وڌيڪ اميدوارن جا ٽيسٽ ھڪ ئي وقت ڇهه ڊويزن ۾ ٿيندا. ڊاڪٽر آصف شيخ وڌيڪ چيو تھ وجلينس ڪميٽي جي نگراني ۾ تياريون جاري آھن ۽ پيپر ليڪ ٿيڻ جو ڪو بھ امڪان ناھي. وي سي سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالھائيندي وڌيڪ چيو تھ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنھنجو پورو ڌيان ٽيسٽ جي تياري تي رکن.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
15%
1.8m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون