- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف، آمريڪي صدر جوبائيڊن جي ڪورونا مان جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته صدر جوبائيڊن جي صحت ۽ تندرستي لاءِ سندس نيڪ تمنائون ساڻس گڏ آهن.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو جوبائيڊن جي صحتيابي لاءِ دعاگو ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪري ٿو.
آمريڪا جو صدر جوبائيڊن ٻيو ڀيرو ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو جنهن بعد هن سموريون سياسي سرگرميون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن.- Advertisement -
