تازه ترين

وفاقي سرڪار 11 سالن کانپوءِ ملڪ ۾ نيشنل ڊرگ سروي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
منشيات جي خاتمي ۽ وفاقي گهرو وزير ملڪ ۾ 11 ورهين بعد نيشنل ڊرگ سروي ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. منشيات جي خاتمي ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ نيشنل ڊرگ سروي بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري پلاننگ، ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس، اسپيشل سيڪريٽري هيلٿ، ڊي جي اي اين ايف ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته نيشنل ڊرگ سروري تحت سڄي ملڪ ۾ منشيات استعمال ڪندڙ ماڻهن جي ڊيٽا گڏ ڪئي وڃي، نيشنل ڊرگ سروي هر صورت ۾ تصديق واري هئڻ گهرجي، سروي جي درست ڊيٽا جي اصل اهميت آهي ۽ ان جو فائدو ٿيندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گهرن کانسواءِ تعليمي ادارن، ڪچي آبادين ۽ ٻين هنڌن تان به ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته منشيات جي خاتمي تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي ڇوته قوم جي مستقبل جو معاملو آهي، 15 ڏينهن ۾ سروي بابت معاملن کي قطعي شڪل ڏني وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
55 %
2.6kmh
3 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون