غزا ۾ اسرائيلي فورسز جي پناهگير ڪئمپن تي حملن سبب وڌيڪ 66 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
غزا ۾ اسرائيلي فورسز جي بربريت جاري آهي، اسرائيلي ويڙهاڪ جهازن غزا جي مختلف علائقن ۾ بيت لاحيه، بيت حنون ۽ غزا سٽي کي نشانو بڻايو.
پناهگير ڪئمپن تي حملن سبب اسرائيلي فوج جي حملن ۾ 66 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته درجنين ماڻهو زخمي ٿي پيا.
اسرائيلي فوج علائقي مان زخمين کي آڻيندڙ ايمبولينس جي داخلا بند ڪري ڇڏي آهي، اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ سبب 3 ٻار شهيد ٿي ويا.
حماس جو چوڻ آهي ته اسرائيل بيت لاحيه کي بفرزون بڻائڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
هوڏانهن غزا ۾ شهيدن جو مجموعي انگ 44 هزار ٿي ويو، جڏهن ته هڪ لک 4 هزار 286 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
غزا ۾ اسرائيلي فورسز جي پناهگير ڪئمپن تي حملن سبب وڌيڪ 66 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9
°
C
9
°
9
°
27%
2m/s
0%
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
15
°


