بشريٰ بي بي جو بيان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي : ارسلان اسلام شيخ

spot_img
سنڌ سرڪار جي ترجمان ارسلان اسلام شيخ چيو آهي ته بشريٰ بي بي جو بيان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي. بشريٰ بي بي جي بيان تي ردعمل ڏيندي سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته تحريڪ انصاف جي قيادت ملڪ جي معيشت کي غير مستحڪم ڪرڻ تي عمل پيرا آهي، بشريٰ بي بي کي گذارش آهي ته مديني جي نالي کي پنهنجي ناڪاري سياست لاءِ استعمال نه ڪري. ارسلان اسلام شيخ جو چوڻ هو ته بشريٰ بي بي سعودي عرب کان ورتل تحفن جا تفصيل عوام آڏو آڻي، سعودي عرب کان ملندڙ تحفا توشا خانا ۾ جمع ڪرڻ بدران هڙپ ڪيا ويا. سنڌ حڪومت جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته بشريٰ بي بي ۽ پي  ٽي آءِ باني امانت ۾ خيانت ڪئي آهي، جنهن جي اسلام ۾ ڪا اجازت نه آهي، بشريٰ بي بي پنهنجي مڙس جي آزادي لاءِ اسلام آباد جو امن خراب ڪرڻ بدران عدالت سان رابطو ڪري ته وڌيڪ بهتر هوندو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي قيادت عوام کي رياست خلاف ڀڙڪائي رهي آهي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9 ° C
9 °
9 °
27%
2m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون