- Advertisement -
غزا ۾ گڏيل قومن جي پناهگيرن جي ڪئمپ تي اسرائيلي حملي ۾ ڀارتي ميزائلن جي استعمال ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي اسرائيل جي حملي ۾ استعمال ٿيل ميزائلن تي ميڊ ان انڊيا جو ليبل لڳل آهي، جيڪو ڀارت ۽ اسرائيل جي ڳٺجوڙ جو چٽو ثبوت آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جنوري 2024 دوران ڀارتي دفاعي ڪمپني ميونيشنز انڊيا لميٽيڊ پاران اسرائيل کي هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو وڪرو ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي ڪمپني اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار سپلا ڪرڻ تي به غور ڪري رهي آهي.
پناهگيرن جي ڪئمپ تي حملي ۾ 40 معصوم فلسطيني شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن…- Advertisement -
