- Advertisement -
سينيٽ اجلاس دوران پي ٽي آءِ ميمبر احتجاج ڪندي هل هنگامو ڪيو.
پلوشا خان پرزائيڊنگ آفيسر جي صدارت تي فورزيه ارشد اعتراض ڪندي چيو ته افسوس ناڪ آهي ته ڊپٽي چيئرمين ايوان ۾ ويٺل آهي پر پلوشا خان صدارت ڪري رهي آهي.
سينيٽر شبلي فراز چيو ته ايوان کي مذاق نه بڻايو وڃي، هي ڪو طريقو ناهي ڊپٽي چيئرمين ايوان ۾ موجود آهي ۽ پرزائيڊنگ آفيسر صدارت ڪري رهي آهي.
ان دوران شبلي فرزا ۽ پلوشا خان ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي.
پلوشا خان چيو ته ڊپٽي چيئرمين سندس صدارت جي ڪرسي سنڀالڻ کانپوءِ ايوان ۾ آيو، چيئرمين جو اختيار آهي ته اهو جنهن کي چاهي ڪرسي ڏي، هتي غنڊا گردي نه هلندي، ان دوران ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ايوان کان ٻاهر هليو ويو.
شبلي فراز چيو ته رڪارڊنگ ڪڍي ڏسو، هو ايوان ۾ ويٺو هو، شرم جوڳو آهي ته ن ليگ پنهنجي ئي ڊپٽي چيئرمين کي ايوان کان ٻاهر موڪلي ڇڏيو.
پلوشا خان چيو ته ايوان غنڊاگردي سان نه هلندو،.
فاروق ايڇ نائڪ چيو ته ڪنهن به ضابطي جي ڀڃڪڙي ناهي ٿي، ڪنهن ئي به پرزائيڊنگ آفيسر بڻائڻ چيئرمين جو اختيار آهي.
شبلي فراز چيو ته ڊپٽي چيئرمين جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن ٻئي طرفان اجلاس جي صدارت ڪرڻ غلط آهي.
مخالف ڌر جي طرفان ايوان ۾ احتجاج ڪندي چور چور جا نعرا هنيا، جنهن بعد پرزائيڊنگ آفيسر اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو………- Advertisement -
