غزه ۾ اسرائيل طرفان مظلوم فلسطينين جي نسل ڪشي جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 62 فلسطيني اسرائيلي فوج جي دهشتگردي جو نشانو بڻجي ويا.
عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج جو ڏکڻ غزه جو محاصرو جاري آهي، جڏهن ته ڪمال عدوان اسپتال تي فائرنگ ڪري اندر ويندڙ ماڻهن کي روڪي ڇڏيو.
عرب ميڊيا موجب، اتر غزه جي واحد ڪمال عدوان اسپتال ۾ دوائن، عملي ۽ ٻارڻ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.
ڪمال عدوان اسپتال جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته 85 مريضن کي طبي امداد نه ملي ته هو دم ڏئي ڇڏيندا.
فلسطيني ميڊيا موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 62 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
فلسطيني ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته 7آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين شهيدن جو انگ 43 هزار 985 ٿي ويو جڏهن ته هڪ لک 4 هزار 92 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو حماس جي عسڪري صلاحيتن کي تباهه ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ هو ته جنگ جي خاتمي کانپوءِ حماس غزه تي حڪومت نه ڪندو.
نيتن ياهو قيدين جي آزادي ۾ مدد ڏيندڙن لاءِ 50 لک ڊالر انعام جو اعلان پڻ ڪيو آهي.
غزه ۾ اسرائيل طرفان مظلوم فلسطينين جي نسل ڪشي جاري،وڌيڪ 62 فلسطيني شهيد
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.5
°
C
18.5
°
18.5
°
15%
1.8m/s
0%
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


