گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزه جنگ بندي جي ٺهراءَ کي امريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو، ٺهراءُ الجزائر، گيانيا ۽ سلوانيه سميت سلامتي ڪائونسل جي 10 غير مستقل ميمبرن پيش ڪئي هئي.
عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب، امريڪا پهريان به ٽي ڀيرا غزه جنگ بندي جي ٺهرائن کي ويٽو ڪري چڪو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آحي ته غزه ۾ غير مشروط جنگ بندي جي حق ۾ 14 ۽ مخالفت ۾ هڪ ووٽ آيو.
ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل ۾ امريڪا طرفان غزه جنگ بندي بابت ٺهراءُ ويٽو ڪرڻ تي حماس جو رد عمل سامهون اچي ويو.
فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جنگ بندي جي مطال جو ٺهراءُ ويٽو ٿيڻ کانپوءِ امريڪا تي غزه ۾ اسرائيل جي “نسل ڪشي جي جنگ” ۾ “سڌيءَ ريت ذميوار” قرار ڏئي ڇڏيو.
حماس جو چوڻ آهي ته غزه تي اسرائيلي جارحيت ۾ امريڪا سڌيءَ ريت مليل آهي.
مزاحمتي تنظيم هڪ بيان ۾ چيو ته آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ظاهر ڪري ٿو ته هو سندن ماڻهن خلاف جارحيت ۾ سڌو سنئون ڀائيوار آهي.
هوڏانهن طرف فلسطين به جنگ بندي جي تازي ٺهراءُ ۾ ناڪاميءَ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي تنقيد جو نشانو بڻايو.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزه جنگ بندي جي ٺهراءَ کي امريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.5
°
C
18.5
°
18.5
°
15%
1.8m/s
0%
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


