تازه ترين

غزه ۾ شهرين جي تحفظ لاءِ حفاظتي قدم يقيني بڻايا وڃن : امريڪي صدر جوبائيڊن

- Advertisement -
امريڪي صدر جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي چيو آهي ته غزه ۾ شهرين جي تحفظ لاءِ حفاظتي قدم يقيني بڻايا وڃن. امريڪي ميڊي موجب، صدر جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ٻنهي اڳواڻن غزه جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. امريڪي صدر جو چوڻ هو ته اسرائيل کي درپيش خطرن تي امريڪا ان سان گڏ آهي، غزه ۾ مجموعي انساني صورتحال ناقابل قبول آهي. ٻئي پاسي امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته اسرائيلي پاليسي ۾ تبديلي نه آئي ته امريڪي پاليسي تبديل ٿي سگھي ٿي. هن ڇيو ته امدادي ڪارڪنن تي حملو پهريون واقعو ناهي پر هي آخري واقعو ٿي سگھي ٿو. امريڪي پرڏيهي وزير موجب، غزه جي 100 سيڪڙو آبادي کي امداد جي ضرورت آهي، امدادي ڪارڪن جانين تي کيڏي امداد پهچائي رهيا آهن، غزه ۾ امداد جي اجازت ڏيڻ باوجود زميني صورتحال بهتر ناهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون