- Advertisement -
فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس وڌيڪ ٻن يرغمالين جا لاش اسرائيل حوالي ڪري ڇڏيا.
ميڊيا رپورٽن موجب، اسرائيلي فوج ريڊ ڪراس کان يرغمالين جا وصول ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ٻئي لاش فرانزڪ ميڊيسن جي نيشنل انسٽيٽيوٽ منتقل ڪيا ويا آهن جتي سڃاڻپ جو عمل مڪمل ڪيو ويندو.
جنگ بندي معاهدي تحت حماس هن وقت تائين 28 مغوين مان 13 جا لاش اسرائيل حوالي ڪري چڪو آهي جڏهن ته اڄ وڌيڪ ٻن مغوين جا لاش حوالي ڪيا ويا جنهن کانپوءِ اسرائيل کي ملندڙ لاشن جو انگ 15 ٿي ويو.
اسرائيلي عملدارن جو چوڻ آهي ته حماس جي قيد ۾ اڃا به 13 يرغمالين جا لاش موجود آهن.- Advertisement -
