رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته فوج ۽ تحريڪ انصاف ۾ ڳالهين تي ڪابه پريشاني ناهي، فوج کي سياست ۾ نه گهرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني ٻڌائي ته فوج سان ڪهڙي ايجنڊا تي ڳالهيون ڪرڻيون آهن، ادارن جڏهن سمجهو ته تحريڪ انصاف تي پابندي جو فيصلو ڪري ڇڏيندا، آمريڪا ۾ 9 مئي ٿي ها ته پي ٽي آءِ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ها، آمريڪي ڪانگريس تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
آمريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي احسن اقبال چيو ته تحريڪ انصاف باني ٻڌائي فوج سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن؟، هو فوج کي سياست ۾ مداخلت جي دعوت ڏئي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف باني چاهي ٿو، اسٽيبلشمينٽ کيس گهوڙي تي سوار ڪري وزيراعظم هائوس پهچائي، فوج فيصلو ڪيو آهي ته پاڻ کي سياست کان پري رکڻو آهي.
وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته فوج ۽ تحريڪ ۾ ڳالهيون ٿين ته ڪابه پريشاني ناهي، تحريڪ انصاف پاڪستاني رياست جي مفادن تي سڌي ريت حملا ڪري رهي آهي، فوج واضح چيو آهي ته هو سياست کان ڌار رهڻ چاهي ٿي.
هن چيو ته ڪنهن پارٽي تي پابندي رڳو حڪومت جي خواهش تي نٿي لڳي سگهي، حڪومت کي اعليٰ عدليا کان به منظوري وٺڻي هوندي آهي، پابندي جو فيصلو پرڏيهه ۾ مهم هلائڻ بعد ڪيو ويو آهي.
رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته تحريڪ انصاف جي سياست جي طريقي کي ڪنهن جمهوريت ۾ اجازت نٿي ڏئي سگهجي، پي ٽي آءِ پنهنجو طريقو تبديل ڪري قوم ۽ ادارن کان معافي گهري، تحريڪ انصاف معافي گهري ته قومي ڌارا ۾ شامل ٿي سگهي ٿي.
رٿابندي واري وفاقي وزير چيو ته آمريڪا ۾ 9 مئي ٿي ها ته پي ٽي آءِ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ها، آمريڪي ڪانگريس تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، تحريڪ انصاف ادارن کان معافي گهري ته جيئن قومي سياست ۾ رستو بڻجي سگهي.
احسن اقبال چيو ته موجوده طريقي جي سياست سان پاڪستان ۾ تحريڪ انصاف جي گنجائش ناهي، پي ٽي آءِ سياسي جنگ کي آمريڪي ايوان ۾ کڻي وئي، ادارن جڏهن سمجهو ته تحريڪ انصاف تي پابندي جو فيصلو ڪري ڇڏيندا.