تازه ترين

فيض گنج ويجهو پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جي گهر تي حملو ، عورت سميت 5 ڄڻا اغوا

فيض گنج ويجهو هٿياربندن پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جي گهر تي حملو ڪري پلاند ۾ هڪ عورت ۽ نينگري سميت پنجن ڄڻن کي مبينا طور اغوا ڪري ويا آهن.

اڪري چودڳي ٿاڻي جي حد ڳوٺ نڌيرو ۾ ٽن ويگو گاڏين ۾ سوار پوليس وردي پهريل هٿياربندن پسند جي شادي ڪندڙ حبدار علي لاشاري جي گهر تي حملو ڪيو.

هٿياربند هٿيارن جي زور تي پسند جي شادي ڪندڙ حبدار علي لاشاري، نجيبان، نينگري عائشه، عنايت ۽ سهراب لاشاري کي اغوا ڪري ويا.

مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٺاروشاهه واسڻ ميڊم چانڊيو اڳوڻي مڙس کان طلاق وٺي حبدار لاشاري سان شادي ڪئي هئي، نڪاح نامو ۽ طلاق جا ڪاغذ موجود آهن، مغوين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

ٻڌايو پيو وڃي ته 3 مهينا اڳ حبدار علي لاشاري ٺارو شاهه واسڻ ميڊم چانڊيو سان عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي، وارثن پاران ناري جي واپسي جون ڪوششون به ڪيون ويون هيون.

ناري جي بازيابيءَ لاءِ هٿياربندن حبدار علي جي گهر تي حملو ڪيو، ميڊم چانڊيو نه ملي سگهي، جڏهن ته پلاند ۾ پسند جي شادي ڪندڙ حبدار علي لاشاري، هڪ عورت ۽ نينگري سميت پنجن ڄڻن کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
9.2 ° C
9.2 °
9.2 °
20 %
3.3kmh
2 %
ڇنڇر
8 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون