تازه ترين

جسٽس اشتياق ابراهيم پشاور هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر

صدر آصف علي زرداريءَ پشاور هائيڪورٽ جي سينيئر ترين جج اشتياق ابراهيم کي پشاور هائيڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر ڪيو آهي.
قانون ۽ انصاف واري وزارت جسٽس اشتياق ابراهيم کي وقتي چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.
جسٽس اشتياق ابراهيم موجوده چيف جسٽس ابراهيم خان جي جاءِ وٺندو، جيڪو پنهنجو مدو مڪمل ٿيڻ تي هلندڙ هفتي ئي رٽائرڊ ٿي رهيو آهي.
ان کانسواءِ صدر سنڌ هائيڪورٽ جي ڇهن ايڊيشنل ججن کي هائيڪورٽ جو مستقل جج مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
انهن ججن ۾ جسٽس امجس علي ڀيو، جسٽس ثناءَ اڪرم منهاس، جسٽس جواد اڪبر سروانا، جسٽس خادم حسين سومرو، جسٽس محمد عبدالرحمان ۽ جسٽس ارباب علي شامل آهن.
جنهن ڏينهن اهي جج قسم کڻندا، ان ئي ڏينهن کان سندن مدو شروع ٿيندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
34.7 ° C
34.7 °
34.7 °
9 %
9.3kmh
34 %
اڱارو
34 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون